شاهنامه تالپوران

شاهنامه تالپوران

شاهنامه تالپوران

شاهنامه تالپوران (ڪتاب): هيءُ فارسي مثنويءَ تي مشتمل جنگنامو خيرپور جي نامور مرثيه گو شاعر آخوند محمد عالم پنهور خيرپوري جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مثنوي کرڙيءَ جي جنگ بابت چيل آهي، اها جنگ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ شاهه شجاع افغان جي وچ ۾ سن 1249هه/ 1834ع ۾ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن کي شڪست آئي. پير حسام الدين راشديءَ هن مثنويءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: مير علي مراد خان لاءِ ڪاتب، فتح چند پٽ ديوان ٽهلرام سيوهاڻي، 29 رمضان المبارڪ 1286هه/ 1869ع تي، هي مثنوي ڪتابت ڪئي. ان ۾ 340 بيت آهن. محمد عالم هي مثنوي تيار ڪندي، شاعر فردوسيءَ کي به ياد ڪيو آهي. (ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ص 192- 193) هي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر عاشق محمد خان درانيءَ جي نگراني ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو ويو. هن ڪتاب ۾ موجود فارسي مثنوين جو اردو ترجمو رشيد احمد قيصراڻيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سنڌ جون تاريخي مثنويون بنا ڪنهن ترتيب جي ڏنل آهن. آخوند محمد عالم خيرپوريءَ جي مثنوي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب ۾ هڪ ٻي بي نام مثنوي به ڏنل آهي، اصل ۾ ان بنا تعارف ۽ مثنويءَ جو مصنف نامور شاعر عظيم الدين ٺٽوي (ٽالپر دؤر جو شاعر) آهي. سندس لکيل مثنوي ‘فتح نامه’ سنڌي ادبي بورڊ طرفان عظيم الدين ٺٽويءَ جي نالي سان 1967ع ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ ان کي حاجي شير محمد نظاماڻي مرتب ڪيو. هن ڪتاب ۾ شامل عظيم الدين ٺٽويءَ جي مثنويءَ جي 120 بابن مان صرف پهريان 59 باب ڏنل آهن، جن ۾ پڻ ڪافي غلطيون آهن ۽ مثنوي مان شعرن جا شعر غائب آهن.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 191 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ‘بزم ثقافت ملتان’ طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي. بزم ثقافت جنهن نسخي تان هي مثنوي تيار ڪري ڇپرائي، راشدي صاحب پڻ ان نسخي جو ذڪر ڪيو آهي. ليڪن مثنوي جي مترجم رشيد احمد قيصراڻيءَ کي ڪم ڪندي ڪاتب جو نالو به سمجهه ۾ نه آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو